شريعت جو دور 12:10 - Muslim Sindhi Bible10 سو جڏهن اوهين اردن درياءَ جي پار وڃي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، تڏهن هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهڻ لڳندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 پر جڏهن اوهين يردن جي پار وڃي انهي ملڪ ۾ رهندا، جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، ۽ هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘
ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.