7 خداوند جيڪي بہ وڏا وڏا ڪم ڪيا، سي سڀ اوهان پنهنجي اکين سان ئي ڏٺا.“
7 پر اوهان خداوند جا اهي سڀ وڏا ڪم پنهنجين اکين سان ڏٺا.
ڪير آهي جيڪو خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي پوري واکاڻ ڪري سگھي؟
انهيءَ لاءِ تہ جيئن تنهنجي قدرت جا ڪم، ۽ تنهنجي شاندار بادشاهت جو جلال بني آدم تي ظاهر ڪن.
خداوند جي قدرت وارن ڪمن سبب انهيءَ جي واکاڻ ڪريو، هن جي وڏي عظمت جي ڪري اوهين سندس واکاڻ ڪريو.
ياد ڪريو، هن داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ ۽ روبن جا پوٽا هئا، تن جو ڪهڙو حال ڪيو. ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن کي، انهن جي گھر ٻار، تنبن ۽ سندن نوڪرن ۽ جانورن کي بني اسرائيل جي سامهون ڳهي ويئي.
”تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ داخل ٿيو ۽ مٿس قبضو ڪريو.
تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“
موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گھرائي کين چيو تہ ”خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهان جي اکين اڳيان فرعون، سندس سڀني عملدارن ۽ سندس سڄي ملڪ سان جيڪي ڪجھہ ڪيو سو اوهان پاڻ ڏٺو.
پعور واري بعل معبود جي واقعي ۾ جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. جيڪي ماڻهو انهيءَ معبود جي پٺيان لڳا، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.
هن اهو عهد اسان جي ابن ڏاڏن سان نہ ٻڌو پر اسان سان ئي ٻڌائين، يعني اسين سڀ جيڪي اڄ هتي جيئرا آهيون.
اهي وڏيون وڏيون آزمائشون اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون. خداوند اوهان جي خدا هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي اوهان کي پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ٻاهر ڪڍي آيو. خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني قومن سان بہ ائين ئي ڪندو جن کان اوهين ڊڄو ٿا.
جيستائين يشوع جيئرو هو تيستائين بني اسرائيل خداوند جي عبادت ڪندا رهيا. يشوع جي وفات کان پوءِ بہ هو ائين ئي ڪندا آيا جيستائين اهي اڳواڻ جيئرا هئا جن اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي اکين سان ڏٺو هو جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيو هو.