26 ڏسو، آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي برڪت ۽ لعنت ٻنهي مان چونڊ ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏيان.
26 ڏسو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان برڪت ۽ لعنت ٿو رکان؛
اڄ مون اوهان کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ مون کي فرمايو. پر اوهين انهن سڀني ڳالهين جي نافرماني ڪري رهيا آهيو.
اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جڏهن اِهي سڀ ڳالهيون يعني برڪتون ۽ لعنتون جيڪي مون اوهان جي اڳيان رکيون آهن، سي اوهان تي اچي پون، تڏهن اوهين انهن سڀني قومن منجھہ انهن کي ياد ڪندا، جن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو.