شريعت جو دور 11:24 - Muslim Sindhi Bible24 هر اها جاءِ جتي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي، سا اوهان جي ٿيندي. اوهان جي سرحد ڏکڻ طرف بيابان کان وٺي اتر طرف لبنان جي جبلن تائين ۽ اوڀر ۾ وڏي ندي فرات کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 جنهن جاءِ تي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي سا اوهان جي ٿيندي: ۽ بيابان، ۽ لبنان، ۽ نديءَ کان، يعني فرات نديءَ کان وٺي الهندي واري سمنڊ تائين اوهان جي سرحد ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ اتر کان حملي لاءِ ايندڙ وڏي لشڪر کي اوهان کان پري تڙي ڇڏيندس. آءٌ کين خشڪ بيابان ڏانهن ڀڄائي ڪڍندس. لشڪر جو اڳ وارو حصو کاري سمنڊ ۾، ۽ انهيءَ جو پٺ وارو حصو ڀونوچ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. انهن جي لاشن مان ڌپ ۽ بدبوءِ ڦهلجي ويندي. آءٌ انهن کي اهڙيءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي وڏو نقصان ڏنو آهي.