Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 11:21 - Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ لاءِ تہ جيستائين زمين جي مٿان آسمان قائم آهي، تيستائين اوهين ۽ اوهان جو اولاد انهيءَ ملڪ ۾ رهو، جيڪو اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تہ جيسين زمين جي مٿان آسمان آهي تيسين اوهان جي، ۽ اوهان جي اولاد جي عمر، انهي ملڪ ۾ وڌندي وڃي، جو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ، خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 11:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيستائين سج ۽ چنڊ قائم رهي، تيستائين شل پيڙهي بہ پيڙهي سندس بادشاهت قائم رهي!


پر جيڪڏهن سندس اولاد منهنجي شريعت کي ڇڏي ڏيندو، جيڪڏهن اهي منهنجي قاعدن تي نہ هلندا،


ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.


اهي اوهان جي لاءِ ڊگھي ڄمار، خوشحالي ۽ سلامتيءَ جو سبب بڻبيون.


اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي نصيحتن کي ڌيان سان ٻڌندا ۽ انهن تي عمل ڪندا تہ اوهين ڊگھي ڄمار ماڻيندا.


آءٌ ڏاهپ آهيان، جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪندا تہ وڏي حياتي ماڻيندا.


اتي ڪوبہ ننڍڙو ٻار وري ننڍپڻ ۾ ڪونہ مرندو، نڪي ڪو پوڙهو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان اڳ مرندو. جنهن ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هوندي، سو نوجوان سمجھيو ويندو. جيڪو انهيءَ کان اڳ مرندو، سو لعنتي سمجھيو ويندو.


ان سان گڏ انهيءَ ملڪ ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو ملڪ هو انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، جنهن ۾ خوشحالي ۽ آسودگي آهي.


سو اوهين هن جي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪريو، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي.


انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.


سڀاڳا ۽ پاڪ آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ