شريعت جو دور 11:2 - Muslim Sindhi Bible2 آءٌ هي اوهان جي اولاد سان نہ ٿو ڳالهايان، جن کي خداوند اوهان جي خدا جي سيکت جي خبر ڪانهي، نڪي اها ڏٺي اٿائون. اوهين ياد رکو تہ خداوند پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ڪهڙيءَ طرح پنهنجي عظمت ڏيکاري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 ۽ اوهين اڄوڪي ڏينهن اهو سمجهي وٺو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي اولاد سان نٿو ڳالهايان، جن کي نڪا خبر آهي، نڪي ڏٺو اٿن، تہ خداوند اوهان جي خدا جي سيکت، ۽ هن جي عظمت، ۽ هن جي زوراور هٿ، ۽ هن جي ڊگهيريل ٻانهن سان ڇا ڇا ٿيو، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.