Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 11:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکارجو، گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي، انهن جو ذڪر ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 11:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابن ڏاڏن جون اهي حقيقتون تو کي هي سيکارينديون، هائو، سندن دانائي تو کي هيءَ ڄاڻ ڏيندي تہ


اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان.


اسين پنهنجي اولاد کان اهي ڳالهيون ڪين لڪائينداسين، بلڪ اسين ايندڙ پيڙهيءَ کي خداوند جي ڀلائي، سندس قدرت ۽ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿائين، سي سڀ ٻڌائينداسين.


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ جيڪي ڳالهيون اوهان کي سيکاريان ٿو سي سکي وٺو. آءٌ جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان ٿو سو ڪڏهن بہ نہ وسارجو.


ننڍپڻ کان ئي سڌي رستي تي هلڻ سيکاريو وڃي، تہ اهي پوڙهائپ ۾ بہ انهيءَ رستي کان نہ ڦرندا.


جيئرا، هائو، جيئرا ئي تنهنجي واکاڻ ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان. هر پيڙهي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي وفا جا ڪم بيان ڪري ٻڌائيندي.


اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.


تڏهن کين چيائين تہ ”جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڏني آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل سان لائجو. انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.


اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ