Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 11:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو تہ خداوند اوهان تي ڪاوڙبو. هو آسمان کي بند ڪري ڇڏيندو، تہ جيئن نہ برسات پوي ۽ نہ ئي زمين ۾ پيداوار ٿئي. پوءِ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ ۾ جيڪو خداوند اوهان کي ڏئي ٿو، جلد ئي ناس ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ هو آسمان کي بند ڪري ڇڏي، ۽ برسات نہ پوي، ۽ زمين جي پيداوار نہ ٿئي، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند اوهان کي ڏئي ٿو تنهن ۾ اوهين جلد نابود ٿي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 11:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


جڏهن تنهنجي قوم تنهنجو ڪو گناهہ ڪري ۽ انهيءَ سبب آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن نہ پوي، تڏهن جيڪڏهن هو هن جاءِ ڏانهن منهن ڪري دعا گھرن ۽ تو کي مڃيندي پنهنجي مٿان آيل مصيبت جي ڪري پنهنجي گناهہ کان باز اچن،


جڏهن تنهنجي قوم تنهنجو ڪو گناهہ ڪري ۽ انهيءَ سبب آسمان بند ٿي وڃي ۽ مينهن نہ پوي، تڏهن جيڪڏهن هو هن جاءِ ڏانهن منهن ڪري دعا گھرن ۽ تو کي مڃيندي پنهنجي مٿان آيل مصيبت جي ڪري پنهنجي گناهہ کان باز اچن،


جڏهن آءٌ آسمان مان مينهن وسائڻ بند ڪندس، يا ماڪڙ کي حڪم ڏيندس تہ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏي، يا پنهنجي قوم ۾ وبا موڪليندس


ڏسو، هو برسات کي روڪي ٿو تہ سڀ ڪجھہ سڪي وڃي ٿو، وري جڏهن هو انهيءَ کي موڪلي ٿو تہ اها زمين کي ٻوڙي ٿي ڇڏي.


آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس.


اوهان جو سخت پورهيو بي‌فائدو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زمين فصل پيدا ڪانہ ڪندي، نڪي وري باغن جا وڻ ئي ڪو ميوو ڏيندا.


جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.


انهيءَ سبب جو تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهيءَ آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ پهچائيندس، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ جتي هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا، تڏهن هو غير معبودن ڏانهن ڦرندا، انهن جي پوڄا ڪندا، مون کي حقير ڄاڻيندا ۽ منهنجو عهد ڀڃي ڇڏيندا.


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا.


ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي سو غيرت وارو خدا آهي. ائين نہ ٿئي جو خداوند اوهان جو خدا اوهان تي ڪاوڙجي ۽ اوهان کي دنيا مان بلڪل برباد ڪري ڇڏي.


آءٌ خداوند جي انهيءَ ڪاوڙ ۽ سخت ناراضپي کان ڊنس ٿي جيڪو کيس اوهان تي هو، ڇو تہ هو اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. پر هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ