Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 11:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اوهين کائي ڍءُ ڪندا. هو اوهان جي چوپائي مال لاءِ بہ اوهان جي ٻنين ۾ گاهہ اپائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ آءٌ تنهنجي چوپائي مال لاءِ تنهنجن ميدانن ۾ گاهہ اُڀرائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 11:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخي‌اب عبدياہ کي چيو تہ ”اچ تہ ملڪ جي سڀني برساتي نهرن ۽ پاڻيءَ جي چشمن وٽ هلون. ٿي سگھي ٿو اسان کي پنهنجن گھوڙن ۽ خچرن کي جيئري رکڻ لاءِ ڪجھہ گاهہ هٿ اچي وڃي تہ جيئن اسين پنهنجا ڪجھہ جانور وڃائي نہ ويهون.“


تون ڍڳن لاءِ گاهہ اُپائين ٿو ۽ انسانن لاءِ اناج، تان‌تہ انسان زمين مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪن.


هرڻي ٻنيءَ ۾ ٻچو ڄڻي ٿي، پر گاهہ نہ هئڻ ڪري پنهنجي ٻچي کي بہ ڇڏي هلي وڃي ٿي.


اسان جو چوپايو مال ڪيڏو نہ رڙي رهيو آهي! ڍور ڍڳا بک ۾ پاهہ پيا ٿين، ۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ چٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ چارو ڪونهي.


سندن گھريل دعائن جي جواب ۾ فرمايو تہ ”ڏسو، آءٌ جھجھو اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل عطا ڪري اوهان کي خوشحال بڻائيندس. آئيندہ لاءِ آءٌ غير قومن هٿان اوهان جي توهين ٿيڻ نہ ڏيندس.


اي جھنگ جا جانورؤ! ڪو خوف نہ ڪريو، اوهان جا چراگاهہ وري سرسبز ٿي ويندا. انجير جا وڻ ۽ انگورن جون وليون ميوي سان ڍڪجي وينديون، بلڪ سڀيئي ميويدار وڻ جھجھو ڦر جھليندا.


پوءِ اوهين جھجھو کائيندا پيئندا ۽ ڍءُ ڪري مون خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندا، جنهن اوهان تي هيڏيون ساريون مهربانيون ڪيون آهن. هاڻي اي منهنجي قوم! اڳتي اوهين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.


اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهان جي اَن ڳاهڻ جو ڪم انگورن چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو ۽ انگورن چونڊڻ جو ڪم اناج پوکڻ تائين پيو هلندو. اوهين ڍءُ ڪري ماني کائيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي پيا گذاريندا.


اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.


هو اوهان کي سڀني چڱين شين سان ڀريل گھر، جيڪي اوهان نہ ڀريا آهن، اهي کوٽيل حوض، جيڪي اوهان نہ کوٽيا آهن، اُهي انگورن جا باغ ۽ زيتون جا وڻ، جيڪي اوهان نہ پوکيا آهن، سي ڏيندو. جڏهن اوهين اهي کائي ڍءُ ڪريو،


اوهين کائي ڍءُ ڪندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ عطا ڪرڻ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ