Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري جيڪڏهن اهي حڪم جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي ڌيان ڏيئي ٻڌندا، خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس عبادت ڪندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي جيڪڏهن اوهين ڌيان ڏيئي ٻڌندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان انهي جي عبادت ڪندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 11:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سليمان پنهنجي پيءُ جي نصيحتن تي عمل ڪري خداوند سان محبت جو اظهار تہ ڪندو هو، پر مختلف هنڌن تي وڃي ساڙڻ لاءِ قربانيون پڻ پيش ڪندو هو.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي سندس حڪمن تي ٿا هلن، ۽ دل وَ جان سان سندس طالبو آهن.


اي خداوند! تو اسان کي پنهنجا قاعدا قانون انهيءَ لاءِ ڏنا آهن، تہ جيئن اسين انهن تي دل وَ جان سان عمل ڪريون.


پر جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، بلڪ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم ڪار نہ ڪري ان ڏينهن کي خداوند لاءِ وقف ڪندا،


آءٌ مندائتو مينهن موڪلي پنهنجي پاڪ جبل جي چوڌاري زمين بلڪ سڀني جاين کي پنهنجي برڪتن سان نوازيندس. هائو، زمين تي برڪتون ئي برڪتون ٿي وينديون.


جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن تي هلندا ۽ منهنجا حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندا،


تہ آءٌ اوهان جي لاءِ مندائتا مينهن وسائيندس، جنهن سان زمين پنهنجي پيداوار ڏيندي ۽ باغن جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.


”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا سان پيار ڪريو ۽ هن جي فرمانن تي، قاعدن تي، قانونن تي ۽ سندس حڪمن تي هميشہ عمل ڪندا رهو.


سو هي سڀ حڪم، جي آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، يعني خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، سندس سڀني واٽن تي هلندا ۽ ساڻس چُهٽيل رهندا،


”تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ داخل ٿيو ۽ مٿس قبضو ڪريو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان کي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو.


پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ۽ قاعدا قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي سختيءَ سان عمل ڪندا رهجو.


”تنهنڪري جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن کي مڃي مٿن عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان جو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ لافاني شفقت اوهان سان قائم رکندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ