Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 11:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سو جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا اهو مصر جي ملڪ جهڙو ناهي، جتان اوهين نڪري آيا آهيو. اُتي اوهان ٻج پوکي انهيءَ کي ڀاڄين جي باغ وانگر سخت محنت سان ناليون بڻائي پاڻي ٿي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، سو مصر جي ملڪ جهڙو ناهي، جتان تون نڪري آيو آهين، اتي تو ٻج پوکي، انهي کي ڀاڄين جي باغ وانگر پنهنجي پير سان پاڻي ٿي ڏنو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 11:10
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ مصر جا ڪپڙو اُڻيندڙ ڪاريگر دل‌شڪستہ ٿيندا، ۽ سڀيئي مزدور غمگين ۽ ملول ٿي پوندا.


ڌارين ملڪن ۾ مون کوهہ کوٽرائي پنهنجي لشڪر لاءِ پاڻي حاصل ڪيو آهي. منهنجي لشڪر جي پيرن هيٺان لتاڙجي مصر جون سڀ نديون سڪي ويون آهن.“


مون هنن کي زرخيز زمين ۾ آندو تہ جيئن هو ان جو ميوو ۽ چڱي پيداوار کائين. پر هنن ان ۾ داخل ٿي منهنجي انهيءَ ملڪ کي پليت ڪيو، يعني منهنجي ڏنل ميراث کي برباد ڪري ڇڏيائون.


جيڪڏهن مصري قوم بہ عبادت لاءِ نہ ايندي تہ اها بہ مِينهن کان محروم رهندي. هائو، انهن تي بہ اها مصيبت نازل ٿيندي، جيڪا تنبن واري عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندڙ قومن تي خداوند نازل ڪندو.


پر جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو، سو جبلن ۽ ماٿرين وارو ملڪ آهي. انهيءَ ملڪ کي آسمان مان مينهن جو پاڻي ٿو ملي.


ان سان گڏ انهيءَ ملڪ ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو ملڪ هو انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، جنهن ۾ خوشحالي ۽ آسودگي آهي.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هڪڙي اهڙي سرسبز ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ۾ پاڻيءَ جون نهرون، چشما ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جيڪي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ