Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ ڪري لاوين کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ورثو آهي، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا کين فرمايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 انهي ڪري لاوين کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو؛ ڇالاءِ جو خداوند پاڻ هنن جو ورثو آهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا هنن کي فرمايو آهي.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ورثي طور ڏنو آهي، تنهن مان ڪاهنن کي ڪابہ ميراث نہ ڏني ويندي، آءٌ ئي انهن لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان. هائو، بني اسرائيل ۾ کين ڪهانيت کان سواءِ ڪوبہ ٻيو حصو ڪونہ ڏنو ويندو، آءٌ پاڻ سندن لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان.


سڀ لاوي مرد جن جي عمر هڪ مهينو يا انهيءَ کان مٿي هئي، تن جو تعداد ٽيويهہ هزار هو. انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ورثو ڪونہ مليو.


هن ڪم ۾ تنهنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي دل اڃا خدا ڏانهن صاف نہ ٿي آهي.


اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


جيڪو بہ لاوي اوهان جي شهرن ۾ هجي، تنهن کي هرگز نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي.


انهيءَ لاءِ تہ لاوي جن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ ڌاريا، يتيم يا رنون‌زالون، جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پورهئي ۾ برڪت وجھندو.“


موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ