Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:8
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ۾ سندس مقرر جاءِ يعني پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي بلڪل پرن هيٺ آڻي رکي.


پوءِ دائود چيو تہ ”لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي عهد واري صندوق نہ کڻي اچي، ڇاڪاڻ تہ اهي لاوي ئي آهن جن کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق کڻڻ ۽ هميشہ تائين انهيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو.“


جيئن تہ خدا انهن لاوين جي مدد ڪئي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کنيو پئي آيا، سو ست ڏاند ۽ ست گھٽا قربان ڪيا ويا.


عمرام ولد قهات جا پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا. هارون ۽ سندس اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهن مقرر ڪيو ويو هو تہ هو مخصوص شين جي سنڀال ڪن، خداوند اڳيان جانورن جون قربانيون پيش ڪن، سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالي تي هميشہ دعا ڏيندا رهن.


هاڻ لاوين کي وري ڪڏهن بہ مقدس خيمو ۽ انهيءَ جي خدمت جا ٿانوَ کڻڻا نہ پوندا.“


سو اي پٽن جهڙا پيارؤ! هاڻي اوهين وڌيڪ غفلت نہ ڪريو. اهي اوهين ئي آهيو جن کي خداوند ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ ۽ پنهنجي خدمت ۽ عبادت ۾ ماڻهن جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.“


تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.


اي خداوند جا بندؤ! اوهين سڀ اچي خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، اوهين جيڪي رات جي وقت خداوند جي گھر ۾ حاضر ٿا رهو.


اوهين پنهنجا هٿ مقدس جاءِ ڏانهن کڻو، ۽ خداوند جي واکاڻ ڪريو.


هائو، اوهين جيڪي خداوند جي گھر جي اندر، اسان جي خدا جي بارگاهہ منجھہ حاضر رهو ٿا.


تنهن تي خداوند ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن تون توبهہ ڪندين تہ آءٌ بہ تو کي وري بحال ڪندس، تہ جيئن تون ٻيهر منهنجو پيغام ٻڌائي سگھين. جيڪڏهن تون بيڪار ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڪارائتيون ڳالهيون ڪندين، تہ آءٌ تو کي وري پنهنجو نبي بڻائيندس. تون يهوداہ جي ماڻهن جي ڳالهين کان دور رهہ، اٽلندو هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين کي قبول ڪري وٺندا،


انهيءَ هوندي بہ هو مقرر حد تائين منهنجي مقدس هيڪل جا خدمتگار ٿي رهندا. هو هيڪل جي لنگھن جي نگهباني ڪندا ۽ هيڪل جي خدمت چاڪريءَ جو ڪم بہ ڪندا. هو ماڻهن جي پاران ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون بہ ڪهندا ۽ انهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل وٽ حاضر رهندا.


خداوند خدا فرمايو تہ ”لاوي قبيلي مان صدوق ڪاهن جي نسل وارا ئي ڪاهن جي حيثيت ۾ منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ منهنجي ويجھو ايندا. اهي ئي منهنجي حضور ۾ حاضر رهي قربانين جي چرٻي ۽ رت پيش ڪندا، ڇاڪاڻ تہ جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، تڏهن اهي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي وفاداريءَ سان سار سنڀال ڪندا رهيا.


سندس مٿي تي پڳ رکيائين ۽ پڳ جي مٿان اڳئين پاسي ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکيائين. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.


اهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، ساڙڻ واري قرباني ۽ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ بعد هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي کين دعا ڪئي ۽ قربان‌گاهہ تان هيٺ لهي آيو.


عهد واري صندوق، ميز، شمعدان، ٻئي قربان‌گاهون، مقدس جاءِ جا ٿانوَ جيڪي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، مقدس ترين جاءِ جو پردو ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.


”لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجھو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ جيئن اهي سندس ماتحت ٿي خدمت ڪن.


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


هڪ ڏينهن جڏهن هنن روزو رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي تہ پاڪ روح کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جو ٻانهو آهيان. خدا مون کي رسول ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.


جيڪڏهن ڪنهن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آهي تہ هو خدمت ڪندو رهي. جيڪڏهن اها نعمت تعليم ڏيڻ جي هجي تہ هو تعليم ڏيندو رهي.


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


پر خدا پنهنجي فضل سان مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي مخصوص ڪيو ۽ پنهنجي خدمت لاءِ مون کي سڏيو، تنهن پنهنجي مرضيءَ سان


جيڪو ڪاهن اتي خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي يا جيڪو جج اتي مقرر هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي تہ انهيءَ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. اوهين اهڙي خرابيءَ کي بني اسرائيل مان ڪڍي ڇڏجو.


انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي خدا لاوين کي اوهان جي سڀني قبيلن منجھان چونڊي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.


پوءِ جيڪو شهر انهيءَ لاش کي سڀني کان ويجھو هجي، تنهن جا اڳواڻ هڪڙي اهڙي گابي چونڊي وٺن، جنهن کان اڃا نہ ڪو ڪم ورتو ويو هجي ۽ نہ وري اڃا تائين پاڃاريءَ ۾ جوٽي ويئي هجي.


پوءِ ڪاهن ويجھو اچن، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا انهن کي لاوي قبيلي مان ان لاءِ چونڊيو آهي تہ اهي سندس خدمت ڪن ۽ خداوند جي نالي سان ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن ۽ هر ڪنهن جھيڙي ۽ خونريزيءَ جو فيصلو ڪن.


موسيٰ هيءَ شريعت لکي، بني لاوي ڪاهنن کي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ