Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ خداوند انهن تختين تي اڳينءَ لکت موجب اهي ڏهہ ئي حڪم لکيا، جيڪي جبل وٽ اوهان جي گڏ ٿيڻ واري ڏينهن تي خداوند باهہ جي وچ مان اوهان کي ٻڌايا هئا. خداوند اهي تختيون مون کي ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ جيڪي ڏهہ حڪم خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان کي ٻڌايا هئا، سي هن پهرئين لکئي موجب انهن تختين تي لکيا: ۽ خداوند اهي مون کي ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙائي تيار ڪر. آءٌ انهن تي اهي ڳالهيون لکندس جيڪي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو.


موسيٰ خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو، پر اتي نڪي ماني کاڌائين ۽ نہ پاڻي پيتائين. اتي هن ٻنهي تختين تي انهيءَ عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.


هي اوهان جي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن اوهان سينا جبل وٽ گڏجاڻيءَ واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو تہ ’شل اسين خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌون، نڪي وري اهڙي وڏي باهہ ڏسون، جو متان اسين مري وڃون.‘


پوءِ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون، جيڪي خدا جي آڱر سان لکيل هيون. انهن تي اهي سموريون ڳالهيون لکيل هيون، جيڪي اوهان جي جبل وٽ گڏ ٿيڻ واري ڏينهن تي خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڪيون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ