Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 10:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن بہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن کي پيارو ڄاتو ۽ ساڻن محبت ڪئي. انهن کان پوءِ سندن اولاد يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن منجھان چونڊي ڪڍيائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تڏهن بہ خداوند خوشيءَ سان تنهنجي ابن ڏاڏن کي پيار ڪيو، ۽ انهن کان پوءِ سندس اولاد کي، يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن مان چونڊي ڪڍيائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 10:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي.


تنهنجي قوم انهيءَ ملڪ تي پنهنجي تلوار سان قبضو نہ ڪيو هو، نڪي هنن پنهنجي طاقت سان اهو فتح ڪيو هو، بلڪ تنهنجي زورآور هٿ ۽ تنهنجي وڏي قدرت ئي هي سڀ ڪيو. تو هنن تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪئي، ڇاڪاڻ تہ تو کين پيار ٿي ڪيو.


”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي اتي پهچائيندو ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.


خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل خدا جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ خدا سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي خدا جا پيارا آهن،


جيئن تہ هن کي اوهان جي ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو. هو پنهنجي وڏيءَ قدرت سان اوهان کي مصر مان پاڻ ئي ڪڍي آيو،


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ