Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري هاڻي اوهين تنبو پٽيو ۽ روانا ٿيو. اوهين امورين جي جابلو علائقي ۾ ۽ انهيءَ جي آس‌پاس وارن سڀني علائقن ۾ وڃو، يعني انهيءَ جابلو علائقي ۾، اردن ماٿريءَ ۾، هيٺاهين زمين ۾، ڏاکڻي علائقي ۾ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تائين. اوهين ڪنعانين جي ملڪ ۾ ۽ لبنان جي علائقي ۾ وڏي نديءَ فرات تائين پڻ وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اتان هو ڏاکڻي پاسي ڏانهن وڌندو ويو.


دائود، ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر ولد رحوب کي بہ ان وقت شڪست ڏني، جڏهن هددعزر فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو.


انهيءَ کان سواءِ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر تي حمات جي ويجھو حملو ڪيو، جيڪو فرات نديءَ پاسي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو.


جيڪو مال شارون چراگاهہ ۾ چرندو هو تنهن جو نگران سطري شاروني هو. جيڪو مال ماٿرين ۾ هو تنهن جو نگران سافط ولد عدلي هو.


اوڀر طرف هنن ان بيابان تائين زمين تي قبضو ڪيو جيڪو فرات نديءَ تائين پکڙيل آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو چوپايو مال جِلعاد جي علائقي ۾ وڌي ويو هو.


آءٌ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي فلستين جي سمنڊ تائين ۽ بيابان کان وٺي فرات نديءَ تائين اوهان جي حد مقرر ڪندس. هن ڪري جو آءٌ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو اوهان جي حوالي ڪندس ۽ اوهين انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندا.


اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.


تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


”پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب سينا جبل کان روانا ٿياسين ۽ انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگھياسين، جيڪو اوهان امورين جي جابلو علائقي ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو. پوءِ اسين قادش‌برنيع ۾ اچي پهتاسين.


پر جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو، سو جبلن ۽ ماٿرين وارو ملڪ آهي. انهيءَ ملڪ کي آسمان مان مينهن جو پاڻي ٿو ملي.


هر اها جاءِ جتي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي، سا اوهان جي ٿيندي. اوهان جي سرحد ڏکڻ طرف بيابان کان وٺي اتر طرف لبنان جي جبلن تائين ۽ اوڀر ۾ وڏي ندي فرات کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


اوهان جون سرحدون ڏکڻ ۾ بيابان تائين، اتر ۾ لبناني جبلن جي قطار تائين، اوڀر ۾ حتين جي سڄي ملڪ سميت وڏي نديءَ فرات تائين ۽ اولهہ ۾ ڀُونوِچ سمنڊ تائين ٿينديون.


سو يشوع سڄو علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، يعني هن جابلو علائقي، ڏاکڻي علائقي، هيٺاهين علائقي ۽ لاهين واري علائقي جي سڀني بادشاهن کي شڪست ڏني. هن ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو بلڪ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“


هوڏانهن اهي بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٽڪرين ۾، هيٺاهن ڍورن ۾ ۽ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان لبنان ملڪ تائين حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جا بادشاهہ هئا، تن جڏهن بني اسرائيل جي ڪاميابين جون اهي ڳالهيون ٻڌيون،


ان آواز انهيءَ ڇهين ملائڪ کي چيو تہ ”جيڪي چار ملائڪ وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ