Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:42 - Muslim Sindhi Bible

42 پر خداوند مون کي چيو تہ ’هنن کي منع ڪر تہ اهي جنگ لاءِ چڙهائي نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هنن سان گڏ نہ هوندس، تنهنڪري متان هي پنهنجن دشمنن هٿان شڪست کائين.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 پر خداوند مون کي چيو، تہ هنن کي چئُہ، تہ مٿي نہ چڙهو، نڪي جنگ ڪريو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي وچ ۾ نہ آهيان؛ متان اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان مارجي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:42
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي دشمن سپاهيءَ جي دڙڪي سان اوهان جا هڪ هزار ماڻهو ڀڄي نڪرندا. پنجن دشمنن جي دڙڪي سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا. ايتري قدر جو اوهان مان ڪوبہ باقي نہ رهندو، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي، جيڪو ڄڻ ويران ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪنهن ٿنڀي يا جھنڊي جيان ڏسڻ ۾ اچي.


توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا، تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس، تان‌تہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو، جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“


آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.


تڏهن فلستين سخت جنگ ڪئي ۽ بني اسرائيل کي شڪست ڏنائون. پوءِ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وٺي ڀڳا. تمام گھڻي خونريزي ٿي ۽ بني اسرائيل جا ٽيهہ هزار ماڻهو مارجي ويا.


فلستين بني اسرائيل جي سامهون صفون ٻڌيون ۽ جنگ شروع ڪيائون. سخت جنگ کان پوءِ هنن بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ جنگ جي ميدان ۾ بني اسرائيل جا اٽڪل چار هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ