Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:37 - Muslim Sindhi Bible

37 اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو ۽ چيائين تہ ’موسيٰ! تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 ۽ اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو، ۽ چيائين، تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:37
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي ڇينڀيندي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان مون تي يقين نہ ڪيو تڏهن اوهان بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. تنهنڪري اوهين هن قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ نہ پهچائيندا جيڪو آءٌ هنن کي ڏيڻ وارو آهيان.“


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”نون جو پٽ يشوع، جنهن کي نعمتون عطا ٿيل آهن، تنهن کي آڻي اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم جي اڳيان بيهاري انهن سڀني جي سامهون تون سندس مٿي تي پنهنجو هٿ رکي کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪر.


تون پسگاہ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ ۽ چئني طرفن ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس، ڇاڪاڻ تہ تون انهيءَ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندين.


پر يشوع کي حڪم ڏي، کيس مضبوط ۽ همت وارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن قوم کي پار وٺي ويندو ۽ هو ئي انهيءَ ملڪ جو کين وارث بڻائيندو جيڪو تون ڏسندين.‘


پوءِ کين وڌيڪ چيائين تہ ”اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهہ سال ٿي چڪي آهي، هاڻي آءٌ وڌيڪ اوهان جي اڳواڻي ڪري نہ ٿو سگھان. ٻيو تہ خداوند بہ مون کي چيو آهي تہ ’تون اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر بلڪل نہ ويندين.‘


تنهنڪري جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي عطا ڪرڻ وارو آهيان سو تون پري کان پنهنجي سامهون ڏسندين، پر انهيءَ ۾ داخل ڪين ٿيندين.“


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هي اهو ئي ملڪ آهي جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو سندن اولاد کي ڏيندس. اهو مون تو کي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون پار ٽپي اوڏانهن ڪين ويندين.“


اوهان جي ڪري خداوند مون سان بہ ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ’تون اردن درياءَ جي اولهہ طرف نہ ويندين ۽ نہ وري انهيءَ چڱي ملڪ ۾ داخل ٿيندين، جيڪو آءٌ خداوند سندن خدا کين ورثي طور ڏيندس.‘


سو آءٌ هن ئي ملڪ ۾ مري ويندس ۽ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندس. مگر اوهين پرينءَ ڀر ويندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ