خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آخر ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي توهين ڪندا رهندا؟ انهن معجزن جي باوجود بہ، جيڪي مون منجھن ڪيا آهن، هي ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟
جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي گنهگار قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ خداوند پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس ڀروسو نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين.