Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:3 - Muslim Sindhi Bible

3 مصر مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ تي موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون جيڪي خداوند انهن بابت موسيٰ کي فرمايون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ چاليهين ورهيہ ۾، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي فرمايون هيون، سي هن بني اسرائيل کي چئي ٻڌايون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:3
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اِهي ئي آهن اهي حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.


بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ سينا جي بيابان ۾ خداوند پنهنجي ملاقات واري خيمي ۾ موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ


بني اسرائيل جي سڄي قوم، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي ۽ ماڻهن قادش ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا. اتي مريم وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.


اتي هارون ڪاهن خداوند جي حڪم موجب هور جبل تي چڙهي ويو ۽ بني اسرائيل جي مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي هن اتي وفات ڪئي.


انهن ماڻهن پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ اردن درياءُ پار ڪري، يريحو شهر جي اوڀر واري سرحد تي جِلجال ۾ اچي منزل ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ