Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ”پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب سينا جبل کان روانا ٿياسين ۽ انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگھياسين، جيڪو اوهان امورين جي جابلو علائقي ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو. پوءِ اسين قادش‌برنيع ۾ اچي پهتاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب حورب کان روانا ٿياسين، ۽ انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگهياسين، جو اوهان امورين جي ٽڪرائتي ملڪ ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو؛ ۽ پوءِ قادس برنيع ۾ آياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


آشر قبيلي جو اڳواڻ سٿور ولد ميڪاايل،


اُهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا. انهن ماڻهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند اسان منجھہ آهين ۽ تنهنجو ڪڪر اسان جي مٿان بيهي ٿو ۽ تون چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ بہ اچين ٿو. ان کان علاوہ اهو بہ تہ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀي جي صورت ۾ ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀي جي صورت ۾ اسان جي اڳيان هلين ٿو.


اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ائين ئي ڪيو هو، جڏهن مون کين قادش‌برنيع مان انهيءَ ملڪ جي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو.


سينا کان قادش‌برنيع تائين، ادوم جي جابلو علائقي واري رستي سان يارهن ڏينهن جو پنڌ آهي.


اُتي مون اوهان کي چيو تہ ’اسين امورين جي انهيءَ جابلو علائقي ۾ آيا آهيون، جيڪو خداوند اسان جو خدا اسان کي عطا ڪرڻ وارو آهي.


تنهنڪري هاڻي اوهين تنبو پٽيو ۽ روانا ٿيو. اوهين امورين جي جابلو علائقي ۾ ۽ انهيءَ جي آس‌پاس وارن سڀني علائقن ۾ وڃو، يعني انهيءَ جابلو علائقي ۾، اردن ماٿريءَ ۾، هيٺاهين زمين ۾، ڏاکڻي علائقي ۾ ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تائين. اوهين ڪنعانين جي ملڪ ۾ ۽ لبنان جي علائقي ۾ وڏي نديءَ فرات تائين پڻ وڃو.


مون خداوند اوهان جي خدا، اوهان جي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي. هن وڏي بيابان ۾ اوهان جي گھمڻ ڦرڻ جي بہ مون کي خبر آهي. هنن چاليهن سالن ۾ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، اوهان سان گڏ هئس ۽ اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.‘


خداوند هنن کي اهڙي رڻ‌پٽ ۾ لڌو هو، جيڪو سڃو سکڻو ۽ خوفائتو هو. تڏهن هن هر طرح سان سندن سار سنڀار لڌي، ۽ اک جي ماڻڪيءَ جيان سندن حفاظت ڪيائين.


هن انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي، جتي زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا. انهيءَ خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ هن اوهان جي لاءِ سخت ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو.


يشوع قادش‌برنيع کان وٺي غزہ تائين ۽ جشن جي سڄي علائقي کان وٺي جِبعون تائين سڀني کي شڪست ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ