شريعت جو دور 1:17 - Muslim Sindhi Bible17 اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو؛ ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو؛ اوهين ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڊڄجو نہ؛ ڇالاءِ جو عدالت خدا جي آهي: ۽ جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي سو مون وٽ آڻجو، تہ آءٌ اهو ٻڌان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“