Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ايترو وڌايو آهي جو اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي‌شمار آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌايو آهي، ۽ اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي شمار آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 1:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”آسمان ڏانهن نهار ۽ تارن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪر. تو کي ايترو ئي اولاد ٿيندو جيترا اهي تارا آهن.“


سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


دائود بادشاهہ ويهن سالن جي عمر وارن يا انهيءَ کان گھٽ عمر وارن کي شمار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند فرمايو هو تہ هو بني اسرائيل کي ايترو تہ وڌائيندو جيترا آسمان ۾ تارا آهن.


تو هنن جو اولاد ايترو تہ وڌايو جيترا آسمان ۾ تارا. تو کين انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي باري ۾ تو سندن ابن ڏاڏن کي چيو هو تہ ’انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.‘


بيشڪ خداوند انهن ماڻهن کي برڪت ڏئي ٿو، تہ جيئن اُهي وڌي گھڻا ٿي پون، ۽ سندن ڍورن ڍڳن جا ڌڻ بہ گھڻو وڌي وڃن.


پوءِ بني اسرائيل رعمسيس شهر کان سُڪات ڏانهن پيادل سفر ڪيو. انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ رڳو مردن جو تعداد ڇهہ لک هو.


تون پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر، جن کي تو پنهنجيءَ ذات جو قسم کڻي فرمايو هو تہ ’آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس ۽ هيءُ سڄو ملڪ جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهيءَ جا وارث ٿيندا.‘“


۽ جھنگ جي ٻوٽن وانگر وڌندي رهہ.“ سو تون وڌي بالغ ٿينءَ. تنهنجيون ڇاتيون اُڀرڻ لڳيون ۽ تنهنجو بدن ڀرجي ويو. پر پوءِ بہ تون اگھاڙي ۽ ننگي ئي رهينءَ.


سي سڀيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ پنجاهہ مرد هئا.


جڏهن اها بيهندي هئي تڏهن هو چوندو هو تہ ”اي خداوند! هزارين بلڪ لکين بني اسرائيل وارن ۾ موٽي اچ.“


شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي انهيءَ کان بہ هزار ڀيرا وڌائي ۽ جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي تيئن اوهان کي برڪت ڏئي.


اوهان جا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا، پر هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌائي آسمان جي تارن جيترو ڪري ڇڏيو آهي.“


تڏهن اوهين اتي خداوند جي آڏو هيئن چئجو تہ ’منهنجو پيءُ اسرائيل هڪڙو بي‌ماڳو ارامي ماڻهو هو. هو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري وڃي مصر ۾ ڌاريو ٿي رهڻ لڳو. اتي هو هڪڙي وڏي، طاقتور ۽ گھڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو.


جيتوڻيڪ اوهين آسمان جي تارن جيترا آهيو، تڏهن بہ اوهين گھڻو گھٽجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي هوندي.


خداوند جو اوهان کي پسند ڪرڻ ۽ چونڊڻ جو اهو سبب نہ هو تہ ڪو اوهين تعداد ۾ ٻين کان گھڻا هئا، بلڪ اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ