دانيال 9:8 - Muslim Sindhi Bible8 اي خداوند! اسين، اسان جا بادشاهہ، اسان جا سردار ۽ اسان جا ابا ڏاڏا شرمسار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 اي خداوند، شرمندگي اسان جي ۽ اسانجن بادشاهن، ۽ اسان جي اميرن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن لاءِ آهي، ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن سندن دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہتائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘ تہ تون انهن جي دعا ۽ منٿ پنهنجي عرش عظيم ۾ ٻڌج. پنهنجي قوم کي انهيءَ ڪيل گناهہ جي معافي ڏج ۽ سندن مدد ڪج.