دانيال 9:3 - Muslim Sindhi Bible3 سو مون پنهنجو منهن خداوند خدا ڏانهن ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس راضپي لاءِ روزو رکي، کٿو ڍڪي ۽ خاڪ تي ويهي کانئس دعا گھران ۽ کيس منٿ ڪريان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ۽ مون پنهنجو منهن خداوند ڏانهن ڪيو، انهي لاءِ تہ دعا گهرڻ ۽ عرض ڪرڻ سان، روزن رکڻ ۽ کٿي ڍڪڻ ۽ خاڪ وجهڻ سان سوال ڪريان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“