Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آس‌پاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ پنهنجي سچائيءَ موجب، پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان ٽار، جو تنهنجو پاڪ جبل آهي: ڇالاءِ جو اسانجن گناهن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين ڪري، يروشلم ۽ تنهنجي قوم، پنهنجن سڀني آس پاس وارن لاءِ طعني جو سبب ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:16
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو سندس دل کي پاڻ ڏانهن سچو ڏٺو، ۽ ساڻس عهد ٻڌو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، يبوسين ۽ جِرجاشين جو ملڪ انهيءَ جي اولاد کي عطا ڪندين. تو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ تہ تون سچو آهين.


اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ. تون پنهنجي وفا موجب منهنجي منٿن تي ڪن ڏي. هائو، پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ورندي ڏي.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان، مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ. پنهنجي سچائيءَ جي خاطر تون مون کي بچائي وٺجانءِ.


شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي! ازل کان وٺي ابد تائين شال سندس واکاڻ هجي! آمين، ثم آمين.


پنهنجي سچائيءَ موجب اچي مدد ڪري مون کي بچاءِ، تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ مون کي بچائي وٺ.


آس‌پاس جي غير قومن اڳيان اسين طعنن جو نشانو بڻيا آهيون، هائو، هو اسان جو حال ڏسي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


اي اسان جا بچائيندڙ خدا! هاڻ تون اسان کي وري بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ.


اي خداوند! ڏس، تنهنجا دشمن ڪيئن نہ قدم قدم تي، تنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل هن بادشاهہ کي طعنا هڻن ٿا.


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا.


آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا.


ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن يروشلم شهر بڻايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن شهر منهنجي ڪاوڙ کي ايترو تہ پئي اڀاريو آهي جو هاڻ ضروري آهي تہ آءٌ انهيءَ شهر کي مِٽائي ڇڏيان.


هائو، بني اسرائيل جون بدڪاريون ايتريون ئي وڌي ويون آهن. يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن پنهنجي بادشاهن، عملدارن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


جيڪو خون تو ۾ وهايو ويو آهي تنهن جي ڪري تون ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهين ۽ تو ۾ ٺاهيل بتن جي ڪري تون پليت ٿي پيو آهين. ائين تو پنهنجا ڏينهن آڻي ويجھا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پڄاڻيءَ تي اچي پهتو آهين. تنهنڪري آءٌ تو کي اهڙو بڻائيندس جنهن تي ٻيون قومون ۽ سڀيئي ملڪ ملامت ۽ کل ٺٺوليون ڪندا.


تنهن کان سواءِ آءٌ اوهان جي شهر کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ آس‌پاس واريون قومون ۽ اتان لنگھندڙ هر ماڻهو اهو ڏسي اوهان کي ملامت ڪندو.


هو ڀونوچ سمنڊ ۽ شان واري مقدس جبل صيئون جي وچ تي پنهنجا شاهي خيما کوڙيندو. پر نيٺ سندس خاتمو ٿيندو ۽ ڪوبہ سندس مدد ڪرڻ وارو نہ هوندو.“


مون دانيال اهو سڀ ڳالهايو پئي ۽ دعا گھري پنهنجا ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جا گناهہ قبول پئي ڪيا ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ شهر يروشلم جي بحاليءَ واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور عرض پئي ڪيم.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو.


جيئن تہ خدا انصاف ڪندڙ آهي سو هو اوهان جي تڪليفن ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ تڪليفون ڏيندو


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


هو ئي شاهوڪارن کي ڪنگال ٿو بڻائي، ۽ ڪنگالن کي شاهوڪار، هو ئي لاهي هيٺ ڪري ٿو ۽ هو ئي بلند ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ