دانيال 9:14 - Muslim Sindhi Bible14 تو خداوند پنهنجي چوڪسيءَ جي نظر رکندي اسان تي اها آفت نازل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا پنهنجي سڀني ڪمن ۾ جيڪي تون ڪرين ٿو سچار آهين. پر اسان ئي تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تنهنڪري خداوند ڄاڻي ٻجهي اها خرابي اسان تي آندي آهي: ڇالاءِ جو خداوند اسان جو خدا جيڪي ڪم ڪري ٿو، تن سڀني ۾ هو سچو آهي؛ ۽ اسان هن جو حڪم نہ مڃيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟
پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.