Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 9:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هائو، اسرائيل تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي، ۽ ڦري ٻئي پاسي ويا آهن، انهي لاءِ تہ تنهنجي حڪم عدولي ڪن؛ تنهنڪري اسان تي اُهو قسم، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ اُها لعنت نازل ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو اسان هن جو گناهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 9:11
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو هنن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي. هو خدا سان ٻڌل عهد ٽوڙيندي انهن سڀني حڪمن تي نہ هليا جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين ڏنا هئا. هنن نہ تہ انهن حڪمن تي عمل ڪيو ۽ نہ ئي وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ڏنائون.


خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ياد رکو، آءٌ هن يروشلم شهر تي ۽ اتي رهڻ وارن تي مصيبت نازل ڪرڻ وارو آهيان، يعني انهن سڀني ڳالهين سبب جيڪي ان ڪتاب ۾ لکيل آهن جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي.


جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


تڏهن تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’اهو سڀ انهيءَ ڪري آهي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي سجدا ڪري کين پوڄيائون. اهڙيءَ طرح هنن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ منهنجي شريعت تي نہ هليا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين مون تي الزام ڇو ٿا هڻو؟ جڏهن تہ اوهان سڀيئي پاڻ منهنجي خلاف بغاوت ڪري چڪا آهيو.


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


هنن اچي هن ملڪ تي قبضو تہ ڄمايو، پر تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪيائون ۽ نہ وري هو تنهنجي شريعت تي هليا. جيڪي حڪم تو کين ڏنا تن مان ڪوبہ حڪم هنن بجا نہ آندو. تنهنڪري تو هي آفتون هنن تي آنديون آهن.


هاڻ خداوند اها آفت آڻي پوري ڪئي آهي ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ئي ڪيو اٿس. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ ان جي نافرماني ڪئي آهي.


هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.


سو جيئن تہ اوهان غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪري خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ هن جي فرمانبرداي نہ ڪئي اٿوَ ۽ نہ وري سندن شريعت ۽ قاعدن قانونن تي هليا آهيو، تنهنڪري هيءَ سڄي مصيبت اوهان تي آئي آهي، جيئن هاڻ اوهين ڀوڳيو ٿا.“


اي دنيا وارؤ! ٻڌو، آءٌ هن قوم تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان، جيڪا سندن تدبيرن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو اٿن.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تيئن ئي هيءَ سڄي آفت اسان تي نازل ٿي آهي. انهيءَ هوندي بہ اسان تو خداوند پنهنجي خدا جي رضامندي نہ چاهي، جو اسين پنهنجي بدڪارين کان باز اچون ها ۽ تنهنجي ابدي سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڌريون ها.


اي پروردگار! بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڏنگي هلت هليا آهيون ۽ برائيءَ جا ڪم ڪيا اٿئون. اسان بغاوت ڪئي آهي ۽ تنهنجي قاعدن قانونن کان منهن موڙيو اٿئون.


پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“


هنن پنهنجيون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪري ڇڏيون ۽ شريعت ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنائون ۽ نہ وري انهيءَ فرمان کي مڃيائون، جيڪو مون قادر‌مطلق خداوند اڳين نبين جي معرفت پنهنجي روح وسيلي نازل ڪيو هو. انهيءَ ڪري مون وٽان مٿن سخت قهر اچي نازل ٿيو.


اي يهوداہ توڙي اسرائيل وارؤ! جهڙيءَ طرح اوهين ٻين قومن جي نظر ۾ لعنتي بڻيا آهيو، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ اوهان کي اهڙي خوشحالي عطا ڪندس جو اوهين برڪت جو باعث بڻبا. سو اوهين دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو.


جن قومن کي خداوند اوهان جي سامهون نابود ٿو ڪري، تن وانگر ئي اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ نہ مڃڻ ڪري نابود ٿي ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ