Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهن مان هڪڙي منجھان هڪ ننڍڙو سڱ نڪتو، جيڪو وڌي تمام وڏو ٿيو ۽ ان جو رخ ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ۽ بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ڏانهن پڻ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ انهن مان هڪڙي منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو، جو وڌندو وڃي تمام وڏو ٿيو، ۽ اُنهي جو رخ ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن، ۽ انهي شانائتي زمين ڏانهن هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کين وڌائي پنهنجي هڪ وڏي قوم بڻايو، ۽ کين سندن دشمنن کان بہ وڌيڪ زورآور ڪيائين.


سو انهيءَ عظيم بادشاهہ جو شهر آهي. بلڪ صيئون جبل ئي خدا جو گھر آهي. اهو جبل بلنديءَ ۾ خوشنما، ۽ سڄي ڌرتيءَ جي خوشيءَ جو باعث آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان، ۽ تو کي سٺو ملڪ، يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان. مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ، ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.


انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ پڪو پَهُہ ڪري ڇڏيو تہ آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ نہ وٺي ويندس، جيڪو مون انهن کي عطا ڪيو هو، جنهن ۾ آسودگيءَ ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.


ڪاهہ ڪري ايندڙ شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو، ڪوبہ انهيءَ جي سامهون بيهي نہ سگھندو. هو بني اسرائيل جي انهيءَ شانائتي ملڪ ۾ رهي پوندو ۽ انهيءَ کي تباهہ ڪرڻ جي سگھہ رکندو.


انهيءَ هستيءَ مون دانيال کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ بادشاهہ جي جاءِ تي هڪڙو نيچ ماڻهو شام جو بادشاهہ بڻبو، جيڪو بادشاهيءَ جو حقدار نہ هوندو. پر اهو اوچتو ئي اوچتو اچي ويندو ۽ چالبازيءَ سان بادشاهيءَ تي قبضو ڪري وٺندو.


جڏهن آءٌ انهن سڱن کي غور سان نهاري رهيو هئس تہ ڇا ڏسان تہ انهن جي وچان هڪڙو ٻيو ننڍو سڱ نڪتو، جنهن پهرين ڏهن سڱن مان ٽي سڱ پاڙان پٽي ڪڍيا. وري جو ڏسان تہ انهيءَ ننڍي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن مان تڪبر واريون ڳالهيون ٿي نڪتيون.


انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ