Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:27 - Muslim Sindhi Bible

27 تڏهن آءٌ دانيال ساڻو ٿي پيس ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيمار پيو هئس. پوءِ ٺيڪ ٿيڻ تي اُٿي بادشاهہ جي ڪمن ڪارين کي لڳي ويس. انهيءَ رويا سبب آءٌ پريشان هئس، ڇوجو اها سمجھہ کان ئي ٻاهر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ آءٌ داني ايل بيهوش ٿي ويس، ۽ ڪي ڏينهن بيمار پيو هوس؛ ۽ پوءِ اُٿيس ۽ اُٿي بادشاهہ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳس: مون کي اُنهي رويا تي حيراني لڳي، پر ڪنهن بہ ان کي نہ سمجهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:27
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ڇا ڏسان تہ آدمزاد جهڙي هڪڙي شخص اچي منهنجي چپن کي ڇهيو تہ آءٌ ڳالهائڻ جهڙو ٿيس ۽ جيڪو فرشتو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن سان ڳالهائيندي کيس چيم تہ ”اي منهنجا آقا! هن رويا جي ڏسڻ سبب ايتري تہ تڪليف ٿي اٿم جو ڄڻ تہ ويم جهڙن سورن اچي ورتو آهي ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي آهي.


اهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس ۽ اها حيرت‌انگيز رويا ڏسي پريشان ٿي ويس، منهنجي منهن جو رت ڇڏائي ويو ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي.


تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.


مون کي معلوم ٿيو آهي تہ تو ۾ معبودن جو روح آهي ۽ تو ۾ نور، سمجھہ ۽ نهايت گھڻي ڏاهپ موجود آهي.


اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون رويا ۾ ڏٺيون ۽ ٻڌيون، جڏهن تہ انهن کي مون پنهنجيءَ دل ۾ ئي سانڍي رکيو. باقي مون دانيال کي منهنجي خيالن ڏاڍو بي‌قرار ڪري ڇڏيو ۽ خوف وچان منهنجي منهن جو رنگ ڦٽي ويو.


تنهن تي هو وڌي انهيءَ هنڌ آيو جتي آءٌ بيٺو هئس. سندس ويجھو اچڻ تي آءٌ ڊڄي ويس ۽ منهن ڀر ڪري پيس. تڏهن هن مون کي چيو تہ ”اي آدمزاد! سمجھي ڇڏ تہ اهو رويا آخري زماني بابت آهي.“


هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.


گھٽي جي ويجھو اچي هن تمام گھڻي ڪاوڙ مان کيس اهڙو تہ ٽڪر هنيو جو ان جا ٻئي سڱ ڀڄي پيا. گھٽي ۾ ايتري طاقت نہ هئي جو هو سندس مقابلو ڪري سگھي، سو ٻڪر کيس زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ مٿان چڙهي لتاڙڻ لڳس. اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو گھٽي کي هن کان ڇڏائي.


مون اهو ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، آواز ٻڌڻ سان منهنجا چپ ڪنبڻ لڳا، منهنجا هڏا ڳرڻ لڳا ۽ منهنجيون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. آءٌ هاڻ ان بابلي قوم تي اچڻ واري مصيبت جي انتظار ۾ آهيان، جيڪا قوم اسان تي ڪاهيو پيئي اچي.


سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو ۽ پوءِ هن اُٿي خداوند جي گھر جا دروازا کوليا. هو عيليءَ کي انهيءَ رويا جي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڊنو ٿي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ