Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:24 - Muslim Sindhi Bible

24 هو وڏيءَ طاقت وارو ٿيندو، مگر پنهنجي شخصي لياقت سان نہ. هو عجيب طرح سان بربادي ڪندو ۽ جيڪي ڪجھہ ڪندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو زور وارن، بلڪ خدا جي چونڊيل بندن کي بہ ناس ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ اُهو وڏي طاقت وارو ٿيندو، پر نہ پنهنجي طاقت سان؛ ۽ هو عجيب طرح جون خرابيون ڪندو ۽ ڪامياب ٿيندو، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو: ۽ هو زور وارن ۽ پاڪ ماڻهن کي ناس ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:24
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون بدڪار ماڻهوءَ کي ڏاڍو زور وٺندي ڏٺو آهي، هائو، جهڙيءَ طرح ڀلي ٻنيءَ ۾ لڳل سائو وڻ زور وٺي ٿو.


هو ٻين قومن سان معاهدن جي آڙ ۾ دغابازي ڪندو ۽ ٿورن ئي ماڻهن جي مدد سان مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو.


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.


اهو اڃا بہ وڌندو ويو ۽ وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو. هن انهن مان ڪن تارن کي هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ کين لتاڙي ڇڏيائين.


اهو اهڙو تہ وڏو ٿي ويو جو آسمان جي لشڪر جي حاڪم جي مقابل ٿي بيٺو. سندس روزانو وارين قربانين کي بند ڪري ڇڏيائين ۽ سندس مقدس هيڪل کي پليت ڪري ڇڏيائين.


ان سڱ اهو آسماني لشڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي پليتي رکيائين. شريعت واري راهہ کي هن ڊاهي ڦٽو ڪيو. کيس جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين ۽ ڪامياب پئي رهيو.


انهن بادشاهتن جي آخري وقت ۾ جڏهن گنهگار ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ انتها ڪري چڪا هوندا، تڏهن هڪڙو بادشاهہ اُٿي کڙو ٿيندو، جيڪو بدمزاج هوندو ۽ سازشن سٽڻ ۾ ماهر هوندو.


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ۽ خدا جو پيغام ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


انهيءَ لاءِ جو خدا انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ بادشاهہ سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين بادشاهي ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين خدا جون ڳالهيون پوريون ٿين.


مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو هو. خدا هن کان پنهنجي ٻانَهن جي خون جو بدلو ورتو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ