Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ مون اُولائي واهہ طرفان هڪڙو انساني آواز ٻڌو، جنهن وڏي سڏ چيو تہ ”اي جبرائيل! هن شخص کي انهيءَ رويا جو مطلب سمجھاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ اُلائي جي ڪنارن وٽ مون هڪڙي ماڻهوءَ جو آواز ٻڌو، جنهن سڏ ڪري چيو، تہ اي جبرائيل، هن ماڻهوءَ کي اهو رويا سمجهاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 8:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي آءٌ تو کي اهو سمجھائڻ آيو آهيان تہ ايندڙ ڏينهن ۾ تنهنجيءَ قوم تي ڇا گذرندو، ڇاڪاڻ تہ هيءَ رويا مستقبل جي باري ۾ ئي آهي.“


تڏهن آءٌ انهيءَ هستيءَ جي خدمت ۾ بيٺلن مان هڪڙي ڏانهن وڌي ويس ۽ انهن سڀني ڳالهين جي حقيقت پڇي مانس. سو هن مون کي انهن جو مطلب سمجھايو.


هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.


تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ جيڪو مون سان گڏ بيٺو هو تنهن کان پڇيم تہ ”اي منهنجا سائين! هنن گھوڙن ۽ سندن سوارن جو ڇا مطلب آهي؟“ انهيءَ ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ تو کي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهي.“


هن اچي کيس چيو تہ ”ڊوڙ ۽ انهيءَ شخص کي وڃي ٻڌاءِ تہ يروشلم شهر ۾ انسان توڙي جانور ايترا تہ گھڻا ٿي ويندا جو ڪوٽ جي حد ۾ نہ ماپندا، بلڪ ان کان ٻاهر بہ سندن آبادي وڌي ويندي.


تنهن تي ملائڪ وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رهندو آهيان. خدا ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان.


اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو.


تڏهن هڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.“


جيڪي ماڻهو سائول سان گڏ وڃي رهيا هئا، سي وائڙا ٿي بيهي رهيا، ڇاڪاڻ تہ انهن آواز تہ ٻڌو پر کين ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن انهيءَ کي ڏسان جنهن مون سان ٿي ڳالهايو. تڏهن ڇا ڏسان تہ ست سونا شمعدان آهن.


خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”مون عيسيٰ پنهنجو ملائڪ انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ