دانيال 8:10 - Muslim Sindhi Bible10 اهو اڃا بہ وڌندو ويو ۽ وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو. هن انهن مان ڪن تارن کي هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ کين لتاڙي ڇڏيائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ۽ اُهو وڏو ٿيندو ويو، ۽ اهڙو جو وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو؛ ۽ اُنهي لشڪر مان ۽ تارن مان، ڪن کي هن هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ انهن کي لتاڙڻ لڳو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.