دانيال 7:6 - Muslim Sindhi Bible6 تنهن کان پوءِ مون ٽيون جانور ڏٺو، جيڪو چيتي جهڙو هو. پر انهيءَ جي پٺيءَ تي پکيءَ جي پرن جهڙا چار پر هئا ۽ کيس چار مٿا پڻ هئا. انهيءَ کي حڪمراني ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن منهنجي اڳيان بيٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ آءٌ تو وٽ ڇالاءِ آيو آهيان؟ آءٌ تو وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان جيڪا ’حق جو ڪتاب‘ ۾ لکيل آهي. پر ڏس، مون کي فارس جي محافظ فرشتي سان وڙهڻ لاءِ جلد ئي موٽي وٽس وڃڻو آهي ۽ منهنجي اتان نڪرڻ سان ئي يونان جو محافظ فرشتو اچي مون تي حملو ڪندو. جڏهن تہ اوهان بني اسرائيل جي محافظ فرشتي ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جيڪو هنن جي خلاف منهنجي ڀر کڻي.