Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن مون دانيال کي وڌيڪ سمجھايو ويو تہ ”اهو چوٿون جانور دنيا ۾ چوٿين شهنشاهت ٿيندي، جيڪا ٻين شهنشاهتن کان مختلف هوندي. اها سڄيءَ دنيا کي لتاڙي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي ۽ انهيءَ کي ڳهي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 هن هيئن چيو تہ چوٿون جانور زمين تي چوٿين بادشاهت ٿيندو، جا ٻين بادشاهتن کان ٻي طرح جي ٿيندي، ۽ سڄي زمين کي ڳهي ويندي، ۽ انهي کي لتاڙي ڇڏيندي، ۽ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:23
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان پوءِ چوٿين شهنشاهت ٿيندي، جيڪا لوهہ جهڙي مضبوط هوندي. جهڙيءَ طرح لوهہ سڀني شين کي ڀڃي ڀورا ڀورا ٿو ڪري ۽ انهن کي چپي ٿو ڇڏي، تهڙيءَ طرح اها شهنشاهت بہ ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري چپي ڇڏيندي.


اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين اها ازلي هستي آئي ۽ پنهنجي چونڊيل بندن جي حق ۾ اچي فيصلو ڏنائين. سو اهو وقت اچي پهتو جڏهن انهن چونڊيل بندن کي بادشاهيءَ جو مالڪ بڻايو ويو.


باقي اهي ڏهہ سڱ، سي ڏهہ بادشاهہ آهن، جيڪي انهيءَ شهنشاهت ۾ هڪٻئي پٺيان اُٿي کڙا ٿيندا. تڏهن هڪڙو ٻيو بادشاهہ اٿندو، جيڪو انهن اڳين کان مختلف هوندو ۽ انهن مان ٽن بادشاهن کي شڪست ڏيندو.


انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.


يحيٰ جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي شهنشاهت جي آدمشماري ڪئي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ