Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:21 - Muslim Sindhi Bible

21 مون ڏٺو هو تہ انهيءَ سڱ چونڊيل بندن سان جنگ ٿي ڪئي ۽ انهن تي غالب ٿي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 مون ڏٺو تہ ساڳي سڱ اوليائن سان جنگ ڪئي ۽ انهن تي غالب آيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:21
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو مقدس هيڪل ۾ پنهنجي فوج بيهاري بني اسرائيل جي انهيءَ پناهہ‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪندو. هو روزانو واريون قربانيون بند ڪري ڇڏيندو ۽ بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکندو.


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


مون انهن ڏهن سڱن جي بہ حقيقت معلوم ڪرڻ چاهي، جيڪي سندس مٿي تي هئا ۽ انهيءَ ٻئي سڱ بابت بہ، جيڪو پوءِ نڪري آيو هو ۽ جنهن ٽي سڱ پٽي ڪڍيا هئا، يعني اهو سڱ جنهن ۾ اکيون ۽ وات هو ۽ جنهن تڪبر واريون ڳالهيون ٿي ڪيون. اهو ٻين سڱن کان وڌيڪ رُعبدار ڏسڻ ۾ ٿي آيو.


ان سڱ اهو آسماني لشڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي پليتي رکيائين. شريعت واري راهہ کي هن ڊاهي ڦٽو ڪيو. کيس جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين ۽ ڪامياب پئي رهيو.


هو وڏيءَ طاقت وارو ٿيندو، مگر پنهنجي شخصي لياقت سان نہ. هو عجيب طرح سان بربادي ڪندو ۽ جيڪي ڪجھہ ڪندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو زور وارن، بلڪ خدا جي چونڊيل بندن کي بہ ناس ڪندو.


انهن مان هڪڙي منجھان هڪ ننڍڙو سڱ نڪتو، جيڪو وڌي تمام وڏو ٿيو ۽ ان جو رخ ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ۽ بني اسرائيل جي شانائتي ملڪ ڏانهن پڻ هو.


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


پوءِ مون انهيءَ حيوان، ڌرتيءَ جي بادشاهن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ