Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:20 - Muslim Sindhi Bible

20 مون انهن ڏهن سڱن جي بہ حقيقت معلوم ڪرڻ چاهي، جيڪي سندس مٿي تي هئا ۽ انهيءَ ٻئي سڱ بابت بہ، جيڪو پوءِ نڪري آيو هو ۽ جنهن ٽي سڱ پٽي ڪڍيا هئا، يعني اهو سڱ جنهن ۾ اکيون ۽ وات هو ۽ جنهن تڪبر واريون ڳالهيون ٿي ڪيون. اهو ٻين سڱن کان وڌيڪ رُعبدار ڏسڻ ۾ ٿي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ انهن ڏهن سڱن جي حقيقت جي هن جي مٿي تي هئا، ۽ ٻيو سڱ جو پوءِ نڪري آيو، ۽ جنهن جي اڳيان ٽي ڪِري پيا؛ يعني اُهو سڱ جنهن کي اکيون هيون ۽ وات هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ۽ جو ڏسڻ ۾ ٻين سڱن کان مضبوط ٿي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آءٌ ڏسي ئي رهيو هئس تہ انهيءَ سڱ جي تڪبر وارين ڳالهين جي ڪري انهيءَ چوٿين جانور کي قتل ڪيو ويو. سندس مڙهہ کي ڀڙڪندڙ باهہ ۾ اڇلائي ناس ڪيو ويو.


تڏهن مون انهيءَ چوٿين جانور جي حقيقت معلوم ڪرڻ جي خواهش ڪئي، جيڪو ٻين سڀني کان مختلف ۽ نهايت هيبتناڪ هو. انهيءَ جا ڏند لوهہ جا ۽ ننهن پتل جا هئا. اهو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ جيڪي باقي بچيس ٿي، تنهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين.


مون ڏٺو هو تہ انهيءَ سڱ چونڊيل بندن سان جنگ ٿي ڪئي ۽ انهن تي غالب ٿي آيو.


تڏهن مون دانيال کي وڌيڪ سمجھايو ويو تہ ”اهو چوٿون جانور دنيا ۾ چوٿين شهنشاهت ٿيندي، جيڪا ٻين شهنشاهتن کان مختلف هوندي. اها سڄيءَ دنيا کي لتاڙي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندي ۽ انهيءَ کي ڳهي ويندي.


انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.


جڏهن آءٌ انهن سڱن کي غور سان نهاري رهيو هئس تہ ڇا ڏسان تہ انهن جي وچان هڪڙو ٻيو ننڍو سڱ نڪتو، جنهن پهرين ڏهن سڱن مان ٽي سڱ پاڙان پٽي ڪڍيا. وري جو ڏسان تہ انهيءَ ننڍي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن مان تڪبر واريون ڳالهيون ٿي نڪتيون.


ان وقت آسمان ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ