Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن آءٌ انهيءَ هستيءَ جي خدمت ۾ بيٺلن مان هڪڙي ڏانهن وڌي ويس ۽ انهن سڀني ڳالهين جي حقيقت پڇي مانس. سو هن مون کي انهن جو مطلب سمجھايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي ڏانهن آءٌ رڙهي ويجهو ٿيس، ۽ انهي سڄي احوال جي حقيقت پڇي مانس. تڏهن هن مون کي اُهي ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جو مطلب سمجهايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.


هن ٻڌايو تہ ”هي چار وڏا جانور چار شهنشاهتون آهن، جيڪي هڪٻئي پٺيان زمين تي برپا ٿينديون.


تنهن تي هو وڌي انهيءَ هنڌ آيو جتي آءٌ بيٺو هئس. سندس ويجھو اچڻ تي آءٌ ڊڄي ويس ۽ منهن ڀر ڪري پيس. تڏهن هن مون کي چيو تہ ”اي آدمزاد! سمجھي ڇڏ تہ اهو رويا آخري زماني بابت آهي.“


هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! آءٌ هن وقت انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو کي ستر سالن واري اڳڪٿيءَ جو مطلب سمجھايان.


تڏهن مون رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کان پڇيو تہ ”هنن سڱن مان ڇا مراد آهي؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هي سڱ اُهي بادشاهتون آهن جن اسرائيل وارن ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت سڄي يهوداہ وارن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.“


تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ مون کان اڳتي وڌيو تہ هڪڙو ٻيو ملائڪ ساڻس اچي مليو.


”قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون منهنجي واٽن تي هلندين ۽ وفاداريءَ سان منهنجي هيڪل جي قاعدن قانونن تي هلي خدمت ڪندين تہ پوءِ تون منهنجي انهيءَ هيڪل ۽ منهنجي بارگاهن جو نگران ٿيندين ۽ منهنجي حضور ۾ هنن بيٺلن وانگر تنهنجي بہ دعا ٻڌي ويندي.


تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو دائود جي نسل مان آهي، سو ئي فتحياب ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ