Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 7:13 - Muslim Sindhi Bible

13 مون پنهنجي هن رويا ۾ وڌيڪ ڏٺو تہ آدمزاد جهڙو هڪ شخص آسمان جي ڪڪرن سان گڏ آيو. اهو ازلي هستيءَ وٽ اچي پهتو تہ کيس انهيءَ جي حضور ۾ آندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 7:13
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي منهنجا بادشاهہ! خداوند صيئون مان تنهنجي شاهي لٺ جي طاقت کي ڦهلائيندو، ۽ تون پنهنجي دشمنن تي حڪمراني ڪندين.


تون مون کان گھُر تہ آءٌ سڀ قومون تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ هيءَ سڄي ڌرتي تنهنجي ملڪيت ۾ ڏيئي ڇڏيندس.


خداوند خدا مٿي عرش تي پنهنجي تخت تي چڙهي ٿو، خوشيءَ جا نعرا لڳن ٿا ۽ نفيلون وڄايون وڃن ٿيون.


جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“


انهيءَ گنبذ جي مٿان هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جيڪا نيلم جي پٿر جي ٺهيل تخت جهڙي هئي. انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي انساني صورت جهڙي هستي ويٺل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


باقي جيڪي ٻيا جانور هئا تن کان بہ اختياري کسي ويئي، تنهن هوندي بہ انهن جي حياتيءَ جو هڪڙو عرصو مقرر ڪيو ويو.


رويا ۾ آءٌ ڇا ڏسان تہ چئني طرفن کان آسماني هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون.


اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين اها ازلي هستي آئي ۽ پنهنجي چونڊيل بندن جي حق ۾ اچي فيصلو ڏنائين. سو اهو وقت اچي پهتو جڏهن انهن چونڊيل بندن کي بادشاهيءَ جو مالڪ بڻايو ويو.


منهنجي ڏسندي ڏسندي هيئن ٿيو جو هڪدم تخت وڇايا ويا، ۽ هڪ ازلي هستي اچي پنهنجي تخت تي ويٺي. ان جي پوشاڪ نوراني هئي، ۽ سندس مٿي جا وار اڇا کير جهڙا هئا. ان جو تخت باهہ جي شعلي جيان هو، جنهن جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ جيان هئا.


انهيءَ رويا جي آخر ۾ جڏهن آءٌ دانيال انهيءَ جي مطلب سمجھڻ جي فڪر ۾ هئس تہ اوچتو انساني صورت ۾ ڪو منهنجي سامهون اچي بيٺو.


ابنِ آدم پنهنجي ملائڪن کي موڪليندو ۽ اهي سندس بادشاهيءَ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراهہ ٿا ڪن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.


ان وقت ابنِ آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون.


”جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو بادشاهہ جي حيثيت سان پنهنجي جلال واري تخت تي ويهندو


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين ابنِ آدم کي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“


عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر ابنِ آدم کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


تڏهن ماڻهو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.


تڏهن هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان هڪڙي ڪڪر تي ايندي ڏسندا.


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ دعا گھرندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ ابنِ آدم جي حضور ۾ بيهڻ جي توفيق مليوَ.“


پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


تنهن تي ماڻهن چيو تہ ”اسان پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ ٻڌي آهي تہ مسيح هميشہ جيئرو رهندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابنِ آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابنِ آدم ڪير آهي؟“


ڪوبہ آسمان ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آسمان مان آيو آهي، يعني ابنِ آدم.


هن کيس اها اختياري بہ ڏني آهي تہ هو دنيا جو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو ابنِ آدم آهي.


تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آسمان کُليل نظر ٿو اچي ۽ ابنِ آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“


انهيءَ کان پوءِ اسان ايمان وارن مان جيڪي ان وقت جيئرا هوندا سي انهن سان گڏ ڪڪرن ۾ مٿي کنيا ويندا، تہ جيئن هوا ۾ خداوند عيسيٰ جو استقبال ڪن. انهيءَ طرح اسين سڀ خداوند عيسيٰ سان هميشہ گڏ رهنداسين.


رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن عيسيٰ پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني ابليس کي ناس ڪري.


اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.


انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


پوءِ مون نهاريو تہ هڪ اڇو ڪڪر آهي ۽ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ڪڪر تي انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ويٺل آهي! هن جي مٿي تي سونو تاج هو ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ