دانيال 6:22 - Muslim Sindhi Bible22 منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪلي شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. انهن مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي آڏو آءٌ بيگناهہ قرار ڏنو ويس. ساڳيءَ طرح اي بادشاهہ! مون توهان جي آڏو بہ ڪو خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪليو آهي، ۽ شينهن جا وات بند ڪيا اٿس، ۽ انهن مون کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسايو آهي: ڇالاءِ جو جيئن انهي جي اڳيان آءٌ بي گناهہ سمجهيو ويس، تيئن، اي بادشاهہ، مون تنهنجي اڳيان ڪوبہ خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.