19 تڏهن بادشاهہ دارا باک ڦٽيءَ مهل اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو شينهَن جي ڏر ڏانهن ويو.
19 تڏهن بادشاهہ صبح جو ڏاڍو سويل اُٿيو، ۽ تڪڙو ٿي شينهن جي غار ڏانهن ويو.
تنهن کان پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ويو ۽ سڄي رات فاقو ڪڍيائين. هن پنهنجي آڏو ڪابہ وندر واري شيءِ آڻڻ نہ ڏني ۽ سندس ننڊ اڏامي ويئي.
جڏهن هو ڏر وٽ پهتو تڏهن ڏک ڀرئي آواز مان دانيال کي پڪاري چيائين تہ ”اي دانيال، زندہ خدا جا ٻانها! پنهنجي جنهن خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو تو کي شينهَن کان بچائي سگھيو آهي يا نہ؟“
سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون.
پوءِ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير سج اڀرڻ مهل اهي قبر تي اچي پهتيون.
پر جڏهن مون ڀاءُ طيطس کي اتي نہ ڏٺو، تڏهن منهنجي دل کي آرام نہ آيو. سو آءٌ اتان جي ماڻهن کان موڪلائي مڪدُنيا صوبي ۾ آيس.
اها حالت ڏسي آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، سو اوهان جي ايمان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليو هئم. مون کي ڊپ هو تہ متان ڪنهن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوهان کي آزمايو هجي ۽ اسان جي اوهان تي ڪيل محنت بيڪار ويئي هجي.