Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 6:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تنهن کان پوءِ بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ويو ۽ سڄي رات فاقو ڪڍيائين. هن پنهنجي آڏو ڪابہ وندر واري شيءِ آڻڻ نہ ڏني ۽ سندس ننڊ اڏامي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پوءِ بادشاهہ پنهنجي محلات ۾ ويو ۽ سڄي رات روزو رکيائين؛ نڪو ڪي وڄائڻ جا ساز سندس اڳيان آندا ويا: ۽ سندس ننڊ اُڏامي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 6:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ سائول جو پوٽو مفيبوست بادشاهہ جي استقبال ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي آيو. جنهن ڏينهن بادشاهہ يروشلم کي ڇڏي نڪتو هو، تنهن ڏينهن کان وٺي بادشاهہ جي وري سلامت موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين مفيبوست نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئي ۽ نہ وري پنهنجا ڪپڙا ئي ڌوتا هئائين.


الياس جي انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ اخي‌اب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، جسم تي کٿو ڍڪيائين ۽ روزو رکيائين. هو کٿي تي سمهڻ لڳو ۽ اداس رهڻ لڳو.


انهيءَ رات شهنشاهہ کي ننڊ نہ آئي، سو هن حڪم ڏنو تہ سندس شهنشاهت جي تواريخ وارو ڪتاب وٽس آندو وڃي ۽ اهو ڪتاب آڻي سندس اڳيان پڙهيو ويو.


اهي ٻارڙا دڦ ۽ دنبوري تي گيت ڳائين ٿا ۽ شرناءِ جي آواز تي خوشيون ٿا ڪن.


اتي جيڪي لئي جا وڻ بيٺا هئا، تن تي اسان پنهنجيون سارنگيون لٽڪائي ڇڏيون هيون.


هو منهنجي اکين کي ننڊ ڪرڻ کان روڪي ٿو، مون کي اهڙي ڳڻتي وٺي ويئي آهي جو ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھان.


مون گھڻو ئي سون ۽ چاندي گڏ ڪيو ۽ ڌارين بادشاهتن تي قبضو ڪري انهن ملڪن مان قيمتي خزانا هٿ ڪيا. مون پنهنجي لاءِ عورتون ۽ مرد ڳائڻا مقرر ڪيا ۽ پنهنجي عيش عشرت لاءِ گھڻيون ئي سريتون رکيم.


هنن مون کي جيئرو ئي اونهي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جي منهن کي پٿر سان بند ڪري ڇڏيو.


انهيءَ سوڳ دوران مون نڪي دل گھريو طعام کاڌو، نہ گوشت يا مئي چپن تي رکيم ۽ نہ ئي وري ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين اهي ٽي هفتا پورا نہ ٿيا.


پنهنجي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، بادشاهہ نبوڪدنضر ڪو اهڙو خواب لهڻ لڳو جو سندس دل پريشان رهڻ لڳي ۽ ننڊ ڦٽي ويس.


تڏهن بادشاهہ دارا باک ڦٽيءَ مهل اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو شينهَن جي ڏر ڏانهن ويو.


اي وڏا شهر بابل! ستارَ، بانسري، توتاري توڙي ڳائڻ جو آواز وري تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ