دانيال 6:16 - Muslim Sindhi Bible16 تڏهن بادشاهہ جي حڪم تي دانيال کي وٺي آڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. تنهن هوندي بہ بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”شال تنهنجو خدا، جنهن جي ئي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو تو کي بچائي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 تڏهن بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي هو داني ايل کي وٺي آيا ۽ کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائونس. هاڻي بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو، تہ تنهنجو خدا، جنهن جي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو توکي بچائيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.