Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 6:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ هو بادشاهہ جي حضور ۾ آيا ۽ سندس لکيل حڪم بابت کيس چوڻ لڳا تہ ”اي بادشاهہ! ڇا اوهان اهڙي حڪم تي صحيح نہ ڪئي آهي تہ ٽيهن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو اوهان بادشاهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن معبود کي سوال ڪندو تہ انهيءَ کي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويندو؟“ بادشاهہ جواب ڏيندي چيو تہ ”اها ڳالهہ سچي آهي. هي مادئين ۽ فارسين جي قاعدي مطابق آهي، جيڪو بلڪل قائم وَ دائم آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن هو ويجهو آيا ۽ بادشاهہ جي حضور ۾ سندس منع نامي جي نسبت ۾ چوڻ لڳا، تہ اي بادشاهہ تو اهڙو منع نامو صحيح ڪين ڪيو آهي ڇا تہ جيڪو ماڻهو ٽيهن ڏينهن اندر ڪنهن بہ معبود کان يا ماڻهوءَ کان، توکان سواءِ، سوال ڪندو تنهن کي شينهن جي غار ۾ وجهبو؟ ۽ بادشاهہ جواب ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ ميدين ۽ فارسين جي قاعدي موجب، جو ڦرندو ڪين آهي، سچي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 6:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري، جيڪڏهن اوهان کي سٺو لڳي تہ هڪڙو شاهي فرمان جاري ڪندي فارسين ۽ مادئين جي قانون جي ڪتاب ۾ اهو لکيو وڃي تہ جيئن ان کي وري نہ بدلائي سگھجي تہ ’راڻي وشتي وري ڪڏهن بہ شهنشاهہ اخسويرس جي سامهون نہ ايندي.‘ اوهين انهيءَ جو راڻيءَ وارو درجو پڻ ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏيو جيڪا کانئس بهتر هجي.


تنهن تي اهي ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان وري اچي مڙيا ۽ کيس چوڻ لڳا تہ ”اي بادشاهہ! اوهين ڄاڻو ٿا تہ مادئين ۽ فارسين جو اهو قاعدو آهي تہ جيڪو لکيل حڪم يا قانون بادشاهہ جاري ڪيو هجي، سو هرگز تبديل نہ ٿو ٿئي.“


هاڻي اي بادشاهہ! اهڙو حڪم لکت ۾ جاري ڪريو ۽ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ڪريو، تہ جيئن انهيءَ کي تبديل ڪري نہ سگھجي ۽ اهو اسان مادئين ۽ فارسين جي تبديل نہ ٿيندڙ قاعدي مطابق بلڪل قائم وَ دائم ٿي وڃي.“


جڏهن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا.


اهو حڪم ملڻ تي جيلر انهن کي اندرين ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ وجھي قابو ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ