11 تڏهن پنهنجي سازش مطابق انهن ماڻهن اچي دانيال کي سندس خدا آڏو سوال ڪندي ڏٺو.
11 تڏهن هي ماڻهو گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ داني ايل پنهنجي خدا اڳيان دعا گهري ٿو ۽ سوال ڪري ٿو.
جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.
آءٌ تنهنجي انهن سچن قاعدن قانونن جي ڪري روزانو بار بار تنهنجي واکاڻ ڪندو ٿو رهان.
آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن هٿ کڻي تو کي پڪاريان ٿو، منهنجي منٿ ٻڌي تون منهنجي مدد ڪر.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي يروشلم جي برباديءَ وقت موت کان بچي پري پري نڪري ويا هئا، سي بابل مان نڪري وڃو، دير نہ ڪريو. اوهين مون خداوند کي ياد رکو ۽ يروشلم کي نہ وساريو.
سو اهي وزير ۽ والي هڪ سازش سِٽي بادشاهہ دارا جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو.