Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن اوچتو هڪ انساني هٿ ظاهر ٿيو، جنهن جون آڱريون شمعدان جي روشنيءَ ۾ بادشاهہ جي محل جي ڀت تي گچ مٿان ڪجھہ لکڻ لڳيون. بادشاهہ انهيءَ هٿ کي لکندي ڏسي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ اُنهي گهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ جون آڱريون نظر آيون، ۽ بادشاهہ جي محلات جي ڀت جي گچ تي، انهن شمعدان جي سامهون ڪي لکيو: ۽ بادشاهہ هٿ جو اُهو ڀاڱو ڏٺو جنهن اُهو لکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 5:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


بابل جي بادشاهہ هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا آهن. کيس ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو اٿس.


اها ڳالهہ اڃا بادشاهہ جي زبان تي ئي هئي تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”اي بادشاهہ نبوڪدنضر! تو کي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان هاڻي جو هاڻي نڪري ويئي آهي.


انهيءَ ئي گھڙيءَ اها ڳالهہ نبوڪدنضر تي اچي پوري ٿي جو ماڻهن کيس انساني معاشري مان هڪالي ڪڍيو. پوءِ هو ڍڳن وانگر گاهہ چرندو رهيو ۽ هن جو بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندو رهيو. انهيءَ وقت دوران هن جا وار عقاب جي کنڀن وانگر ۽ هن جا ننهن پکين جي چنبن جيان وڌي ويا.


هاڻ عالمن ۽ نجومين کي آڻي مون آڏو حاضر ڪيو اٿن انهيءَ لاءِ تہ اهي هن ڀت واري لکت پڙهي مون کي انهيءَ جو مطلب سمجھائين، پر هو ائين نہ ڪري سگھيا آهن.


هو مئي پيئڻ سان گڏ سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر مان ٺهيل پنهنجي معبودن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪندا ٿي رهيا.


تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.


تڏهن بادشاهہ جا عالم اڳتي ايندا ويا، پر اهي سڀيئي اها لکت پڙهي بادشاهہ کي انهيءَ جو مطلب سمجھائي نہ سگھيا.


پنهنجي حڪمن واري انهيءَ دستاويز کي مِٽائي ڇڏيو، جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف هو. هائو، هن انهيءَ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي اسان کان پري ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ