27 ’تور‘ يعني تون تارازيءَ ۾ توريو ويو آهين ۽ وزن ۾ گھٽ نڪتو آهين.
27 تقيل؛ يعني تون ساهميءَ ۾ توريو ويو آهين، ۽ وزن ۾ گهٽ نڪتو آهين.
ڀلي تہ خدا مون کي انصاف واري تارازيءَ ۾ توري، تانتہ منهنجي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺي.
سڀيئي انسان پوءِ ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ، سي بيبقا ۽ رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن. جيڪڏهن اهي تارازيءَ ۾ توريا وڃن تہ بلڪل ئي هلڪا نڪرن. هائو، اهي سڀ جو سڀ هڪ ڦوڪ کان بہ هلڪا آهن.
انسان سوچي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو سو سڀ صحيح آهي، مگر خداوند دلين کي بہ جاچي ٿو.
انسان سمجھي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو، سو صحيح آهي. مگر ياد رکو، خداوند ارادن کي جاچي ٿو.
ماڻهو هنن کي کوٽو سڪو ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کين رد ڪري ڇڏيو آهي.“
خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي تکي تلوار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگر انهيءَ سان پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ڪوڙ. پوءِ انهن وارن کي تارازيءَ ۾ توري ٽي حصا ڪر.
خداوند نينواہ جي باري ۾ فرمان جاري ڪري ٿو تہ ”اي نينواہ! تون بلڪل نيچ آهين، تنهنجي رهاڪن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو. آءٌ تنهنجي معبودن جي گھرن ۾ رکيل اُڪريل مورتين ۽ پلٽيل بتن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي قبر تيار ڪريان ٿو.“
تہ سندس ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڪم کي عدالت جي ڏينهن ظاهر ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن باهہ ئي هر ڪنهن جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.