دانيال 5:16 - Muslim Sindhi Bible16 مگر مون تو بابت ٻڌو آهي تہ تون تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکين ٿو. هاڻي جيڪڏهن تون هيءَ لکت پڙهي انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندين، تہ پوءِ تو کي شاهي خلعت ڍڪائبي، تنهنجي ڳچيءَ ۾ سونو هار وجھبو ۽ تون بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حاڪم ٿيندين.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“