Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




دانيال 5:14 - Muslim Sindhi Bible

14 مون کي معلوم ٿيو آهي تہ تو ۾ معبودن جو روح آهي ۽ تو ۾ نور، سمجھہ ۽ نهايت گھڻي ڏاهپ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 مون تنهنجي نسبت ۾ ٻڌو آهي تہ الاهي روح تو ۾ آهي ۽ علم ۽ سمجهہ ۽ نهايت عمدي ڏاهپ تو ۾ موجود آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




دانيال 5:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فرعون يوسف کي چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ جو تعبير نہ ٿو ڪري سگھي. پر تنهنجي باري ۾ ٻڌو اٿم تہ تون خوابن جو تعبير ڪري ٿو سگھين.“


سو فرعون پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اسان کي هن کان وڌيڪ سٺو ماڻهو هٿ نہ ايندو، هڪ اهڙو ماڻهو جنهن ۾ خدا جو روح آهي.“


جيڪي ڳالهيون اونهيون ۽ ڳجھيون آهن، تن کي هو ئي ظاهر ڪري ٿو. جيڪي ڪجھہ بہ اوندهہ ۾ آهي تنهن کي هو ڄاڻي ٿو، ڇوجو وٽس ئي سوجھرو آهي.


نيٺ دانيال منهنجي آڏو آيو، جنهن جو نالو بابل ملڪ ۾ منهنجي معبود جي نالي پٺيان بيلطشضر رکيل آهي. دانيال ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. مون کيس پنهنجو خواب ٻڌائيندي چيو تہ


تڏهن دانيال کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو. بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”مون ٻڌو آهي تہ تون اهو ئي دانيال آهين، جيڪو يهوداہ ملڪ جي انهن يهودين منجھان هڪ آهين، جن کي منهنجي پيءُ پڪڙي آندو هو؟


هاڻ عالمن ۽ نجومين کي آڻي مون آڏو حاضر ڪيو اٿن انهيءَ لاءِ تہ اهي هن ڀت واري لکت پڙهي مون کي انهيءَ جو مطلب سمجھائين، پر هو ائين نہ ڪري سگھيا آهن.


جيئن تہ دانيال ۾ غير معمولي روحاني نعمت هئي، سو هو انهن وزيرن ۽ والين کان گوءِ کڻي ويو. تنهنڪري بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هو دانيال کي سڄي سلطنت جي مٿان مقرر ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ