دانيال 4:34 - Muslim Sindhi Bible34 پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible34 ۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“
هن کي انسانن منجھان هڪالي ڪڍيو ويو ۽ سندس انساني سوچ بدلائي جانورن جهڙي ڪئي ويئي. هو گورخرن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ڍورن وانگر گاهہ کائيندو هو ۽ سندس بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسيل رهندو هو. اهو تيستائين ٿيندو رهيو جيستائين هن قبول نہ ڪيو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو ۽ جنهن کي هو چاهي تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.